تازہ ترین

حقانيه مدرسي ۾ ڌماڪي جي صدر، وزيراعظم ۽ وفاقي گھرو وزير پاران سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير محسن نقوي طرفان مدرسه حقانيه اندر ڌماڪي جي مذمت، جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.

صدر آصف علي زرداري چيو ته بي گناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ ڪريل عمل آهي، دهشتگرد ملڪ، قوم ۽ انسانيت جا دشمن آهن.

وزيراعظم شهباز شريف زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته دشمن ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، قوم جي حمايت سان دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائي ويندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.