تازہ ترین

مصطفيٰ قتل ڪيس، عدالت جوابدار ارمغان ۽ شيراز جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي  دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ٻڌڻي.

عدالت جوابدار ارمغان ۽ شيراز جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، عدالت جاچ عملدارن کي حڪم جاري ڪيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ ۾ اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.

عدالت جاچ عملدارن کي وڌيڪ حڪم ڪيو ته ٻنهي جوابدارن جو ميڊيڪل ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، گرفتار جوابدار ارمغان نوجوان مصطفيٰ عامر کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو .

ڪراچي ۾ دوست هٿان قتل ٿيل مصطفيٰ عامر جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ارمغان کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت پوليس اختيارين کان مصطفيٰ جي اغوا ۽ پوليس مقابلي جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو هو.

گرفتار جوابدار ارمغان جاچ دوران مصطفيٰ عامر کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو.

گذريل ڏينهن مقتول مصطفيٰ عامر جي قبرڪشائي ڪري جزا به ورتا ويا هئا ۽ بعد ۾ سندس لاش ايڌي سرد خاني ۾ منتقل ڪيو ويو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.