جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پرڏيهي امداد بند ڪرڻ سبب دنيا جي گرم ترين شهرن ۾ ڳڻجندڙ جيڪب آباد ۾ تازي ۽ فلٽر ٿيل پاڻيءَ جي فراهمي خطري ۾ پئجي وئي آهي.
سنڌ جي شهر جيڪب آباد ۾ گرميءَ جي شدت ۾ اضافي بعد ڪڏهن ڪڏهن گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان به ٽُپي ويندو آهي، جنهن جي ڪري پاڻيءَ جي کوٽ ۽ هيٽ اسٽروڪ جھڙن صحت جا مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن.
2012ع ۾ يو ايس ايڊ سنڌ جي ميونسپل سروسز کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ 66 ملين ڊالر جي گرانٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، جنهن ۾ 22 ڪلوميٽر پري کان واهه جو پاڻي پمپ ڪرڻ ۽ صاف ڪرڻ واري پلانٽ جي رينوويشن به شامل آهي.
پر تنظيم هينڊز جو چوڻ آهي ته ٽرمپ طرفان امداد تي پابنديءَ سبب ان منصوبي کي ڊگھي عرصي تائين قابل عمل بڻائڻ لاءِ رکيل 15 لک ڊالرن جي رقم روڪي وئي آهي، جنهن ڪري هي منصوبو چند مهينن بعد خطري ۾ پئجي ويندو.
مقامي رهائشي جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر جي فيصلي اسان جون زندگيون بدلائي ڇڏيو آهن، جيڪب آباد ۾ سياري جي موسم ۾ به گرمي پد ڇنڇر تائين 30 ڊگري سينٽي گريڊ کان به ٽپڻ جي اڳ ڪٿي ڪئي وئي آهي.
اين جي اوز هينڊز جو چوڻ آهي ته هي منصوبو روزانون 15 لک گيلن (57 لک ليٽر) پاڻي فراهم ڪندو آهي ۽ جيڪب آباد ۾ لڳ ڀڳ ساڍا 3 لک ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪندو آهي.
