اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومت پاران بجلي 10 رپيا في يونٽ تائين سستي ڪرڻ جو منصوبو تيار.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عوام کي بلن جي ادائيگي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومتي بجلي 8 کان 10 رپيا في يونٽ سستي ڪرڻ لاءِ منصوبو تيار ڪيو آهي.
منصوبي تحت گردشي قرض جو ڪاٿو ختم ٿي ويندو، قرض جي ادائيگي ۾ 1.3 ٽريلين رپين جي گهٽتائي سان گنجائش پيدا ٿيندي، جنهن مان بچندڙ رقم بجلي جي قيمت گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي.