اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان مخالف ڌر جي 5 رڪني وفد جي ملاقات.
باني پي ٽي آءِ سان ملاقات نه ڪرائڻ سميت مختلف معاملن بابت آگاهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته چيف جسٽس، نيشنل جڊيشل پاليسي ڪميٽي تي ايجنڊا گهري.
باني کي سندس گهرواري ۽ ٻارڙن سان ڳالهائڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي، پوليس گردي ۽ ظلم سميت ٻيا معاملا چيف جسٽس آڏو اٿاريا ويا.
عمر ايوب جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم باوجود پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو وقت تبديل ٿي وڃي ٿو.
چيف جسٽس آڏو پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ڪرائڻ وارو معاملو اٿاريو ۽ ساڻس ملاقات ڪرڻ جي اجازت گهري، پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي ڪيسن ۽ پراڊڪشن آرڊر جو معاملو به اٿاريو.
سلمان اڪرم راجا چيو ته ملڪ ۾ عملي طور قانون ۽ آئين ختم ٿي چڪو آهي، واضح لفظن ۾ چيو وڃي ته ملڪ ۾ هن وقت قانون جي بالادستي ناهي.