تازہ ترین

ڪراچي جي لانڍي جيل مان 22 ڀارتي مهاڻا آزاد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي لانڍي ڊسٽرڪٽ جيل مان 22 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو.

جيل مان آزادي ماڻيندڙ ڀارتي مهاڻن کي سرڪاري اداري جي نگرانيءَ ۾ ايڌي فائونڊيشن جي انتظامن هيٺ بس وسيلي لاهور منتقل ڪيو ويو جتان واهگا بارڊر رستي کين ڀارت روانون ڪيو ويندو.

ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ لانڍي جيل ارشد شاهه موجب آزادي ماڻيندڙ 22 ڀارتي مهاڻن مان ٽي مسلمان ۽ 19 هندو آهن.

مهاڻن کي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ گذريل اڍائي کان ٽن سالن دوران غير قانوني طور مڇي جي شڪار تي پاڪستاني عملدارن گرفتار ڪيو هو ۽ هنن مقامي عدالتن مان مليل ڏوهه جي سزا مڪمل ڪري ورتي آهي.

مهاڻن کي انساني همدرديءَ جي بنياد تي آزاد ڪري کين ڏيهه روانو ڪيو پيو وڃي، جيل مان آزاديءَ وقت مهاڻن کي خرچ جي مناسب رقم سميت تحفا به ڏنا ويا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.