ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري جو نئون سسٽم اڄ کان شروع ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب صوبي ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ هلڪي برفباري پئجي سگهي ٿي.
موسميات کاتي پاران سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ جزوي ڪڪر ۽ ڦڙڦڙ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي.