دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي جي ٻي اهم ميچ ۾ بنگلاديش ۽ ڀارت جي ميچ ۾ بنگلاديش جي اڌ ٽيم صرف 35 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو کيس مهانگو پئجي ويو.
دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ بنگال ٽائيگرز جي اڌ ٽيم يعني 5 رانديگر صرف 35 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا.
اوپنر سوميا سرڪار ۽ مهدي حسنڪو کي محمد شامي جڏهن ته ڪپتان نجم الحسن شنتوڪو کي هرشت رانا آئوٽ ڪيو.
ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي ڀارتي ڪپتان روهت شرما چيو هو ته هر ٽيم گيم ٽورنامينٽ کٽڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، اسان به اهو ئي چاهيون ٿا.
بنگلاديشي ڪپتان نجم الحسن شنتو چيو هو ته ٽيم جي تيارين مان خوش آهيان، ٽيم ۾ ٻه اسپنرز ۽ 3 فاسٽر بالرز کي شامل ڪيو ويو آهي.