تازہ ترین

سپريم ڪورٽ آئيني بينچ: فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل تي ٻڌڻي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي.

جسٽس امين الدين سوال ڪيو ته شق سي موجب جيڪي ملازم ايندا آهن، اهي حلف نه کڻندا آهن

وڪيل عزيز ڀنڊاري چيو ته عام ترميمون بنيادي حق متاثر نه ٿيون ڪري سگهن، شق سي وارن جو به ڪڏهن به ڪورٽ مارشل نه ٿو ڪري سگهجي، ڪورٽ مارشل هميشه آفيسرز جو ٿيندو آهي، ڪورٽ مارشل سسٽم ۾ عام شهرين کي نه ٿو شامل ڪري سگهجي.

جسٽس جمال مندو خيل سوال ڪيو ته ٽو ون ڊي ون کي ڪڍي ڇڏيون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڪورٽ مارشل جو سسٽم پوءِ به هلندو.

وڪيل عزيز ڀنڊاري چيو ته ٽرين هلي رهي آهي، جنهن کي روڪي  نه ٿو سگهجي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مطلب ٽرين کي هلڻ ڏجي، هڪ بوگي کي ڪڍيو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.