اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) مختلف ملڪن مان وڌيڪ 47 پاڪستاني ڊي پورٽ ڪيا ويا.
اميگريشن ذريعن موجب سعودي عرب مان منشيات ڪيسز ۾ 6 ڄڻن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو،
آذر بائيجان مان 4 پاڪستانين کي اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏئي واپس ڏيهه اماڻيو ويو.
ملائيشيا ۽ عراق ۾ غيرقانوني داخلا تي 4 مسافر بيدخل ڪري کين پاڪستان ڊيپورٽ ڪيو ويو.
سريلنڪا ۽ زمبابوي مان به 2 پاڪستانين کي بي دخل ڪري پنهنجي ڏيهه اماڻيو ويو.