حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پوليس ذريعن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ۾ سندس هنج ورتل پٽ جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
وشال لطيف پاران پنهنجا هٿ پير ساڙي والد کي بچائڻ وارو ڊراموم رچايو ويو.
هو چئين وڳي کانپوءِ دوستن سان ملڻ ويو ته سندس پير کي رت لڳل هو، وشال دوستن کي ٻڌايو ته هُو موٽرسائيڪل تان ڪري پيو آهي.
صبح جو اٺين وڳي کانپوءِ هُن ڊرائيور کي ننڊ مان اٿاريو ۽ چيائين ته بابا جي ڪمري ۾ باهه لڳي وئي آهي.
پوليس موجب وشال لطيف گرفتاريءَ وقت والد کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري بعد ۾ بيان تان ڦري ويو آهي.
ايس ايس پي فرخ لنجار چيو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ۾ وشال جي ملوث هئڻ جا ثبوت مضبوط آهن، رڳو پوسٽ مارٽم ۽ فارينزڪ رپورٽ جو انتظار آهي.