تازہ ترین

اداڪارا جيڪولين کي ويلنٽائين ڊي تي 112 ڪروڙن جي جهاز جو تحفو

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس کي ويلنٽائين ڊي جي موقعي تي 112 ڪروڙ رپين جو تحفوڏنو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪروڙين رپين جي فراڊ ڪيس ۾ گرفتار سوڪيش چندر شيکر پنهنجي دوست جيڪولين فرنينڊس کي هڪ پرائيويٽ جيٽ تحفي ۾ ڏنو آهي.

سوڪيش چندر شيکر جيل مان موڪليل هڪ رومانٽڪ خط ۾ ان تحفي جو انڪشاف ڪيو.

سوڪيشن چندر شيکر خط ۾ ٻڌايو ته هي گلف اسٽريم جيٽ جيڪولين جي لاءِ آهي جنهن جو رجسٽريشن نمبر اداڪارا جي تاريخ پيدائس وارو آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته هي تحفو ان جي لاءِ ڏنو ويو آهي ته جيئن جيڪولين پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ سڄي دنيا ۾ سولائيءَ سان سفر ڪري سگھي.

رپورٽ موجب خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته هن تحفي سان جيڪولين کي ڪنهن قسم جي قانوني مسئلي کي منهن نه ڏيڻو پوندو ڇو ته هي جيٽ ڏوهن جي ڪمائيءَ مان ناهي خريد ڪيو ويو.

انسٽاگرام تي جاري پوسٽ ۾ ڪاري رنگ جو پرائيويٽ جهاز بيٺل آهي جنهن جي پڇ تي ”جي ايف“ لکيل آهي جنهن جو مطلب ”جيڪلين فرنينڊس“ ٿئي ٿو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.