راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جون تخريبي ڪارروايون وائکيون.
ڀارتي فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي پرامن علائقن ۾ بدامني پکيڙڻ جا تفصيل سامهون اچي ويا.
سڪيورٽي ذريعن موجب باغ، بٽل، ديوا ۽ ٻين علائقن ۾ ڀارتي آءِ اي ڊيز، هٿيار ۽ منشيات جي منتقلي ڪئي پئي وڃي.
ڊبل ايجنٽس ذريعي هٿيارن جي کيپ ڀارتي سرحدي يونٽس سان گڏجي اسمگل ڪئي پئي وڃي ته جيئن ان کي پاڪستاني هٿيار ثابت ڪري سگهجي.
ڀارتي آءِ اي ڊيز ڌماڪن سبب هيل تائين ڪيترائي معصوم شهري شهيد ۽ زخمي ٿي چڪا.