ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام چيو آهي ته ڪراچي ۾ حادثن جي روڪٿام لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.
ڪراچيءَ جي روڊن تي رجسٽريشن بنا هلندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت گاڏين جي فٽنس چيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
موٽرسائيڪل ۽ هيوي گاڏين لاءِ فٽنس سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي. هيوي گاڏين لاءِ فٽنس سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، هيوي گاڏين کي فٽنس سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ لاءِ وقت ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته سڀني کي فٽنس سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي. فٽنس سرٽيفڪيٽ بنا ڪا به گاڏي هاڻ روڊ تي نه هلندي.
بنا رجسٽريشن جي شوروم مالڪ گاڏي وڪرو نٿو ڪري سگهي، بنا ڊرائيونگ لائسنس گاڏيون هلائيندڙن کي گرفتار ڪبو.
شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته هيوي گاڏيون رات 10 وڳي کي صبح 6 وڳي تائين هلائي سگھبيون.