ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي علائقي محمود آباد ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻارڙي فوت ٿي وئي جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، رهائشي عمارت جي ٽه ماڙ تي گهر اندر سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، حادثي ۾ ٻارڙي نور فاطمه فوت ٿي وئي، سندس پيءُ، ماءُ ۽ ڀيڻ زخمي ٿي پيا، زخمي برنس وارڊ ۾ داخل ڪيا ويا آهن.