تازہ ترین

ملير ۽ چونڊڪو ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ ٻه ڄڻا قتل، عورت زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي ملير ۽ چونڊڪو ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته عورت زخمي ٿي پئي، ملير جي زڪريا ڳوٺ ۾ ذاتي دشمني تان مڙس قتل، زال زخمي ٿي پئي، اڻ ڃاتل جوابدار گھر ۾ گهڙي ڇرين جا وار ڪري محمد افضل کي قتل ۽ سندس گهرواري فاطمه کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن چونڊڪو ڀرسان ڳوٺ موزل شاهه ۾ زمين جي معاملي تان ڪهاڙيون هڻي هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته چنا برادري جي ماڻهن بااثر جي چرچ تي حملو ڪري پرويز علي ڀنڀرو کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.