ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي ملير ۽ چونڊڪو ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته عورت زخمي ٿي پئي، ملير جي زڪريا ڳوٺ ۾ ذاتي دشمني تان مڙس قتل، زال زخمي ٿي پئي، اڻ ڃاتل جوابدار گھر ۾ گهڙي ڇرين جا وار ڪري محمد افضل کي قتل ۽ سندس گهرواري فاطمه کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن چونڊڪو ڀرسان ڳوٺ موزل شاهه ۾ زمين جي معاملي تان ڪهاڙيون هڻي هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته چنا برادري جي ماڻهن بااثر جي چرچ تي حملو ڪري پرويز علي ڀنڀرو کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن.
Related posts

سيٺارجا: گهرو اڻبڻت تان نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو
February 11, 2025
ڀارت طرفان پاڻي ڇوڙ ڪرڻ بعد ستلج درياءَ ۾ وهڪرن ۾ واڌ
August 26, 2025

