ڪفره (انٽرنيشنل ڊيسڪ) لبيا جي ڏکڻ اوڀارئين ٿر ۾ ٻن اجتماعي قبرن مان لڳ ڀڳ 50 وطن ڇڏي ٻاهر ڪمائڻ لاءِ ويندڙن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. پرڏيهي ايجنسي موجب پهرين اجتماعي قبر ملڪ جي ڏکڻ اوڀر جي شهر ڪفره جي هڪ فارم مان جمعي جي ڏينهن لڌي وئي جنهن ۾ 19 لاش ڪڍيا ويا، مقامي سيڪيورٽي ڊائريڪٽوريٽ موجب لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، عملدارن طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل تصويرن ۾ پوليس اهلڪار ۽ طبي عملي کي واريءَ ۾ پوريل لاش ڪڍندي ڏيکاريو ويو آهي. ڏيهه ڇڏي پرڏيهه ويندڙ ماڻهن جي مدد ڪندڙ هڪ مقامي فلاحي اداري موجب جن ماڻهن جا لاش مليا آهن انهن ۾ اڪثر ماڻهن کي فائرنگ ڪري ماري ۽ پوءِ اجتماعي قبر ۾ دفن ڪيو ويو، خيبر ايجنسي موجب ٻين اجتماعي قبر به ڪفره ۾ هڪ انساني اسمگلنگ جي اڏي تي ڇاپي دوران ملي آهي جنهن مان گھٽ ۾ گھٽ 30 لاش موجود آهن. مقامي سيڪيورٽي اهلڪار موجب جيئرو بچي ويل ماڻهن ٻڌايو ته گڏيل طور 70 ماڻهن کي ان قبر ۾ دفن ڪيو ويو هو، عملدار وڌيڪ لاشن کي ڳولي رهيا آهن، لبيا ۾ گذريل سال به عملدارن شعيرف جي علائقي ۾ گھٽ ۾ گھر 65 ڏيهه ڇڏيندڙن جا لاش لڌا هئا.