تازہ ترین

آمريڪا جو گم ٿيل جهاز جو الاسڪا مان تباهه ٿيل ڍانچو هٿ

الاسڪا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) الاسڪا ۾ آمريڪي ڪوسٽ گارڊز کي ڄميل سامونڊي برف تي ڪجھه ڏينهن اڳ حادثي جو شڪار ٿيل جهاز جو تباهه ٿيل ڍانچو  هٿ آيو آهي ۽ جهاز ۾ سوار 10 ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي چڪا آهن، ڪوسٽ گارڊز جي ترجمان مائيڪ سالرنو موجب آمريڪي ڪوسٽ گارڊز جي 2 ريسڪيو تيراڪن جهاز جي تباهه ٿيل ڍانچي مان 3 لاش ڏٺا آهن ۽ ٻين 7 جي باري ۾ خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هو جهاز جي تباهه ٿيل ڍانچي جي اندر موجود آهن. ترجمان موجب بدقسمتيءَ سان ايئن نٿو لڳي ته جهاز حادثي ۾و بچي ويو هجي، نيسنل ٽرانسپورٽيشن سيفٽي بورڊ جي الاسڪا آفيس جي سربراهه ڪلنت جانسن ٻڌايو ته حادثي سبب 10 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.