واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس سان يوڪرين جنگ تي ڳالهائڻ جو خواهشمند آهي پر اهو واضح نه آهي ته صدر ولاديمير پيوٽن به ان ۾ دلچسپي رکي ٿو يا نه. عرب نيوز موجب صدر ولاديمير پيوٽن جي يوڪرين تي حملي جي تقريبن 3 سالن کان پوءِ روسي فوج جنگي ميدان ۾ لاڳيتو اڳڀرائي ۽ ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، ڪيف اهلڪارن ۽ هٿيارن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، نئون آمريڪي صدر جلد ئي يوڪرين جي فوجي امداد جي فراهمي روڪي سگھي ٿو. روس ۽ اولهه جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پيوٽن جنگ سبب ٿڪل ملڪ يوڪرين ۾ پنهنجن مقصدن جي حاصلات جي اڳ کان وڌيڪ ويجھو پهچي ويو آهي ۽ سندس ڳالهين جي ميز تي اچڻ جا امڪان تمام گھٽ آهن.