تازہ ترین

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت، 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لکي غلام شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ جنت خاتون بگٽي ۽ نصيبان خاتون بگٽي فوت ٿي ويون، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪراچيءَ جي ملير جي علائقي شاھ لطيف ويجھو ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڀاءُ فوت جڏهن ته ڀيڻ زخمي ٿي پئي، حادثي ۾ حسنين فوت ۽ حجاب فاطمه زخمي ٿي پئي. خيرپور ۾ موٽرسائيڪل ۾ ڪپڙو ڦاسڻ سبب ڳاڙهي پل واسي پورهيت خادم حسين شيخ روڊ تي ڪِري حياتي وڃائي ويٺو، سجاول جوڻيجو ڀرسان هفتو اڳ ٻن موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب زخمي ٿيل نينگر بلاول ساريو فوت، فوتين جو انگ2 ٿي ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.