اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن جي ادارن کي سگهارو بڻائڻ ۽ گورننس ۾ سڌارن لاءِ آءِ ايم ايف وفد پاڪستان پهچي ويو، آءِ ايم ايف وفد 14 فيبروري تائين پاڪستان ۾ ترسندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفد ججن جي مقرري ۽ عدليه جي آزادي جو جائزو وٺڻ ۾ مصروف آهي، مشن بينڪنگ ۽ مني لانڊرنگ کي به ڏسي پيو، وفد جي عدليه سميت مختلف ادارن ۽ وزارتن جي اختيارين سان ملاقاتن جو امڪان.