ڪوٽ بنگلو (ويب ڊيسڪ) ڪوٽ بنگلو ۾ ارڙي جي وبا تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 2 معصوم ٻار فوت ٿي ويا، ڳوٺ مراد خان گوپانگ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ارڙي تيزيءَ سان وڌڻ لڳي، وبا وگهي ساگر علي ۽ نويد علي گوپانگ فوت ٿي ويا، ڳوٺاڻن موجب علائقي ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ ورتل آهي، ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻي بيمار ٻارن جو علاج ڪرايو وڃي.