ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي سنڌ روڊ سيفٽي ڪميٽي جون ڪارروايون، 92 گاڏين جي چيڪنگ، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 44 گاڏيون چالان ڪيون ويون، 7 ضبط ڪيون ويون، هڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ ضابطن تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي، عوامي تحفظ اولين ترجيح آهي، جيڪو به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.