ايريزونا (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) ايئن مڃيو ويندو آهي ته مردن جي مقابلي ۾ عورتون وڌيڪ ڳالهائينديون آهن ۽ دنيا ۾ اهو تاثر پڻ عام آهي. پر ڇا اهو تاثر واقعي درست آهي؟ ان سوال جو جواب نئين تحقيق ۾ ڏنو ويو آهي. آمريڪا جي ايريزونا يونورسٽيءَ جي تازي تحقيق ۾ ان سوال جو جواب هيئن ڏنو ويو آهي ته اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته مردن جي مقابلي ۾ عورتون وڌيڪ ڳالهائينديون آهن. تحقيق موجب اصل ۾ عام طور مرد ۽ عورتن جي طرفان 16 هزار لفظ ڳالهايا ويندا آهن. هاڻ وڏي پئماني تي ايريزونا يونيورسٽيءَ جي ماهرن تحقيق کي اڳتي وڌايو ته جيئن اڳوڻن نتيجن جي تصديق ٿي سگھي، تحقيق موجب نتيجن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته عورتون وڌيڪ ڳالهائڻ پسند ڪنديون آهن پر ايئن صرف عمر جي مخصوص حصي ۾ ٿيندو آهي. جاچ ڪندڙن ان تي تحقيق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تحقيق ۾ اهو رخ سامهون آيو ته عمر جي مخصوص مدي ۾ عورتون مردن جي مقابلي لڳ ڀڳ 3 هزار لفظ وڌيڪ ڳالهائينديون آهن. تحقيق موجب 10 کان 17 سال، 18 کان 24 سال ۽ 65 سال يا ان کان پوءِ جي عمر ۾ عورتون مردن جيتروئي ڳالهائينديون آهن پر 25 کان 65 سال جي عمر جي وچ ۾ محدود مدي دوران عورتون مردن جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ 3 هزار لفط وڌيڪ ڳالهائينديون آهن.