ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) مشهور اداڪارا حبا بخاريءَ سٺي اسڪرپٽ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان جي انڊسٽري ۾ گذريل 20 سالن کان بهتري آئي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري اچڻ گھرجي. هن چيو ته هوءَ في الحال ڪنهن پراجيڪٽ ۾ نه پئي اچي پر تمام جلد ڪنهن نئين پراجيڪٽ ۾ اچڻ جو ارادو آهي ان جي لاءِ تمام گڻي پرجوش آهيان.اداڪارا چيو ته ان جي خيال ۾ سٺي اسڪرپٽ تي ڪم ٿيڻ گھرجي ڇو ته ماڻهن وٽ سٺو اسڪرپٽ آي پر ان تي ڪم نه پيو ٿئي، اسان جي پراڊڪشن هائوسز کي به ايترو باهمت ٿيڻ گھرجي ته هو ان کي قبول ڪن.