ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪ فوج پاران منعقد ڪرايل ٽورنامينٽ ۾ ڪراچي وائيٽ جي ٽيم شاندار مقابلي کانپوءِ ڪراچي بلو کي شڪست ڏئي چيئمپئن بڻجي وئي. پاڪ فوج پاران ٽيلنٽ هنٽ پروگرام تحت ملير گيريزن ۾ انٽر ڊويزن فٽبال ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو. انڊر 16 فٽبال ٽورنامينٽ ۾ ملير گيريزن ڪراچي جي 7 ضلعن مان 2 ٽيمون ميدان ۾ لٿيون، حيدرآباد گيريزن، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن مان هڪ ٽيم تيار ڪري ميدان ۾ لاٿي، جڏهن ته پنو عاقل ڊويزن سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن مان به هڪ ٽيم ميدان ۾ لاٿي وئي. سڀني شرڪت ڪندڙ ٽيمن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ شاندار راندين جو مظاهرو ڪيو. جڏهن ته فائنل ۾ پهچندڙ ٽيمن مان، ڪراچي وائيٽ جو مقابلو ڪراچي بليو سان ٿيو. ڪراچي وائيٽ ٽيم هڪ شاندار ميچ کان پوءِ ڪراچي بليو کي شڪست ڏئي چيمپيئن بڻجي وئي. جي او سي ملير گيريسن آرمي ٽيلنٽ هنٽ انٽر ڊويزن فٽبال ٽورنامينٽ ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ۽ حصو وٺندڙ ٽيمن ۽ رانديگرن ۾ انعام ورهايا. جي او سي رانديگرن جي بلند حوصلي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته راندين جا مقابلا نوجوانن جي هاڪاري سوچ کي اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان آرمي جو هي قدم سنڌ ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندو ۽ مستقبل ۾ بين الاقوامي سطح جا رانديگر اڳتي ايندا ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪندا.