ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪو به نظام آئيڊيل ناهي هوندو، بهتري جي گنجائش هوندي آهي، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۾ 751 اسڪيمن تي ڪم هلي پيو. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميئر ڪرائي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم عوام جو بنيادي حق آهي، ڪراچي ۾ شهرين کي هاڪاري اثر نظر اچي رهيا آهن، ڏيڍ سال کان پوءِ پاڻ کي عوام آڏو پيش ڪري رهيو آهيان، مالي لحاظ سان ڪي ايم سي ۾ بهتري آئي آهي، اينٽي انڪروچمينٽ ڊپارٽمينٽ جي آمدني ۾ به اضافو ٿيو آهي، ماضي جي انتظاميا چوندي هئي، وٽن وسيلا نه آهن، هن چيو ته اصل ۾ انهن جو اختيارن جو نه پر نيت جو مسئلو هو، ايندڙ سال 3 سئو اسڪيمون مڪمل ڪنداسين.