تازہ ترین

نورا فتيجي جي موت جون ڪوڙيون خبرون، سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ متل

ممبئي (شوبز  ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڊانسنگ گرل ۽ مراڪش سان تعلق رکندڙ نورا فتيجي پنهنجي سالگرهه کان هڪ ڏينهن اڳ هڪ عجيب ۽ غريب ڪوڙي خبر جو شڪار ٿي وئي. ڀارتي ميڊيائي رپورٽن موجب پنهنجي مخصوص ڊانس سبب سڃاتي ويندڙ نورا فتيجي بابت سوشل ميڊيا تي خبرون وائرل ٿيون ته هوءَ حادثي جو شڪار ٿي مداحن کان هميشه لاءِ موڪلائي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي جھنگ جي باهه جيان پکڙجندڙ ڪوڙي وڊيو ۾ هڪ عورت کي جبل جي مٿانهيءَ کان هيٺ ڪِرندي ڏيکاريو ويو آهي. وائرل وڊيو ڪلپ تي هڪ سوشل ميڊيا صارف لکيو ته ”بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا نورا فتيجي جو موت بالي ووڊ لاءِ خراب خبر آهي.“ ان کان پوءِ اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي پر انهن دعوائن ۾ ڪا صداقت ناهي ۽ ڀارتي ميڊيا نورا فتيجي جي جيئرو هجڻ جي تصديق پڻ ڪئي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.