سڊني (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر مارڪس اسٽوئنس ون ڊي ڪرڪيٽ تان فوري رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مارڪس اسٽوئنس 74 هين ون ڊي انٽرنيشنل ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي. ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب مارڪس اسٽوئنس ٽي ٽوئنٽي جي سليڪشن جي لاءِ دستياب رهندو.مارڪس اسٽوئنس ٽي 20 ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ ون ڊي تان رٽائرمينٽ ورتي، استوئنس چيمئنز ٽرافي جي لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو حصو هو پر هاڻ ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي رانديگر ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته نيشنل سليڪشن پينل سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز جي پڄاڻيءَ تي چيمپئنز ٽرافي جي اسڪواڊ کي آخري شڪل ڏيندو.