تازہ ترین

سنڌ سرڪار ملڪي بهتري لاءِ بل جي منظوري ڏني آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ملڪي بهتري لاءِ بل جي منظوري ڏني آهي، جيڪڏهن ملڪي مفاد جي ڳالهه هجي ته پ پ پوئتي ناهي هٽندي، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ڪجهه قدم کڻڻا پوندا آهن، وفاقي حڪومت کي آءِ ايم ايف جو اهو شرط قبول نه ڪرڻ گهرجي ها، سڀني کي خبر آهي زرعي ٽيڪس صويائي معاملو آهي، صوبائي حڪومتن کي فيصلو ڪرڻو آهي زرعي ٽيڪس لڳائڻو آهي يا نه. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته زرعي شعبي جا ڪجهه ماڻهو ٽيڪس نه ڏيئي رهيا هئا، زرعي ٽيڪس اڄ کان نه پر پهريان کان لڳل آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.