اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي، ان موقعي تي جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته ڇا ڌماڪو ڪندڙ ۽ عام سويلينز ۾ ڪو فرق ناهي، 21هين ترميم ۾ ته ڪجهه ڏوهه آرمي ايڪٽ ۾ شامل ڪيا ويا هئا، 15 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي وڃي ته ضمانت ٿيڻ يا نه ٿيڻ سان ڇا ٿيندو. 21هين ترميم ۾ ته سياست جماعت کي ٻاهر رکيو ويو هو، اسان جي آڏو سوال رڳو اهو آهي ته آرمي ايڪٽ ڪنهن تي لاڳو ٿيندو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته خدا نه ڪري، دهشتگردي جو هڪ حملو پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ ۽ جي ايڇ ڪيو تي ٿئي ٿو، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ تي حملي جو ڪيس ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندو، جي ايڇ ڪيو تي حملي جو ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ هلندو، منهنجي نظر ۾ ٽئي حملا هڪ جهڙا ئي آهن ته فرق ڇو ۽ ڪيئن ڪيو ويندو آهي. ان تي ايڊووڪيٽ خواجه احمد حسين جواب ڏيندي چيو ته عدالت اهڙو دروازو نه کولي جنهن سان سويلين جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ٿئي. ان تي جسٽس امين الدين خان چيو ته اسان ڪو دروازو کولي نه رهيا آهيون، صرف اهو ڏسڻو آهي ته اپيل منظوري ڪئي وڃي ٿي يا خارج.