تازہ ترین

پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين: پاڪستان پاران عالمي عدالت ۾ ڪيس جي دفاع جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين ۾ دير تي ايران طرفان عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾ داخل ڪيل ڪيس تي پاڪستان ڪيس جي دفاع جي لاءِ قانوني فرمز ۽ وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن.  پاڪستان حڪومت ٽن قانوني فرمز ۽ آسٽريليا ۾ رهندڙ هڪ اهم وڪيل جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن ته جيئن گئس پائيپ لائين تي اڳڀرائي نه ڪرڻ تي پئرس ۾ ٽياڪڙي عدالت ۾ ايراني ڪيس کي منهن ڏئي سگھجي. عملدارن موجب ڪيس ايران طرفان پاڪستان خلاف ان بنياد تي داخل ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي حدن ۾ پائيپ لائين جو حصو مڪمل نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ايران-پاڪستان گئس پائيپ لائين جي تحت 750 ايم ايم سي ايف ڊي گئس وصول ڪئي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.