فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جون بيجنگ ۾ چيني سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون، اسٽريٽجڪ ڀائيواري جو عزم، آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير چيني نائب صدر هان زينگ ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي سان ملاقات ڪئي، علائقائي ۽ عالمي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ، سي پيڪ تحت رابطي واري منصوبي تي به ڳالهيون، ملاقاتن دوران گڏيل جاگرافيائي سياسي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تي ويچاريو ويو، ڌرين طرفان ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي تي اطمينان جو اظهار، خودمختياري، مختلف معاملن ۾ سهڪار ۽ علائقائي استحڪام لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ، چيني قيادت طرفان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ، فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ آهي ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي نئين سر واڌ ڪئي وئي آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين جنرل زانگ يوزيا، پيپلز لبريشن آرمي جي پوليٽيڪل ڪمشنر جنرل چن هوئي ۽ چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ڪائي زائي جن سان ملاقاتون ڪيون، پيپلز لبريشن آرمي هيڊ ڪوارٽرز آمد تي جنرل عاصم منير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو