بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان هڪ ڀيرو ٻيهر بي آءِ ايس پي ذريعي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، زرعي شعبو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، متاثرن کي فوري رليف پهچائڻ لاءِ بي آءِ ايس پي واحد پروگرام آهي، وفاقي حڪومت بي آءِ ايس پي ذريعي متاثر علائقن ۾ مدد فراهم ڪري، وفاقي حڪومت پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪري، ائين لڳي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت انا سبب اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي، بي آءِ ايس پي خلاف بيان ڏيندڙن کي ان پروگرام بابت ڄاڻ به نه هوندي، زرعي ٽيڪس معاملي تي به عالمي ادارن سان ڳالهائڻ گهرجي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس، سندس چوڻ آهي ته ٻوڏ کانپوءِ فوڊ سڪيورٽي جا مسئلا ٿي سگهن ٿا، ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ سان عوام تي ڳرو امپورٽ بل ايندو، ڪوشش هوندي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر ڪيو وڃي ته جيئن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي نه پوي، ڊي اي پي ۽ يوريا ۾ هارين ۽ آبادگارن کي مدد ڪئي ويندي، بينظير هاري ڪارڊ ذريعي ننڍن زميندارن ۽ هارين جي مدد ڪنداسين، وقت سر عالمي اپيل ڪن ٿا ته متاثرن جي وڌيڪ مدد ڪري پئي سگهياسين