سنڌو درياءَ جي ساڄي پاسي 6 هنڌ حساس ۽ کاٻي ڪناري شينڪ بند ڳڻتي جوڳو قرار، ڇنڇر تي ٻوڏ سنڌ ۾ داخل ٿيندي، هن وقت ٽه منهين وٽ مها ٻوڏ آهي، بلوڪي وٽ ويري هاءِ فلڊ آهي، چار سيپٽمبر تي صبح جي وقت خبر پوندي ته پنجند وٽ ڪيترو پاڻي پهتو آهي، 6سيپٽمبر تي ڪنهن به وقت گڊو بيراج وٽ انتهائي وڏي ٻوڏ جو وهڪرو هوندو، اين ڊي ايم اي موجب، 8 کان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿيندو، 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻيءَ کي سپر فلڊ جي ڪيٽيگريءَ ۾ رکيو ويندو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي پريس ڪانفرنس، سندس چوڻ آهي ته 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻيءَ جي تياري ڪري ڇڏي آهي، اهڙي ٻوڏ ۾ بند لِيڪ ٿي ويندا آهن، ڪچي جي علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو عمل هن وقت به جاري آهي، 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ بندن کي محفوظ بڻائڻ تي گھڻو ڪم ڪيو آهي، آبپاشي کاتي تي اعتماد آهي ته اُهو ٻوڏ جي پاڻيءَ کي بيراجن وٽان گذاري ويندو، موسمياتي تبديلي هڪ حقيقت آهي ۽ تسليم ڪرڻو آهي ته تمام خطرناڪ آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران نيو سنڌ سيڪريٽريٽ جو دورو، فلڊ ڪنٽرول روم جو معائنو، ڊجيٽل اسڪرين ذريعي پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو
