– نون صوبن جو رڳو شوشو آهي، سنڌ اسيمبلي جو ڪو به سنڌ ڄائو ميمبر نون صوبن جو ٺهراءُ آڻڻ جو سوچي به نٿو سگهي، 29تاريخ تي اين ايف سي ايوارڊ بورڊ اجلاس ۾ وڏو وزير مرا دعلي شاهه شرڪت ڪندو ۽ سنڌ جو ڪيس رکندو، ڪابينا جي تبديلي وڏي وزير جو اختيار آهي، هو جڏهن چاهيندو ڪندو، ڪابينا جي تبديلي ڪا خراب ڳالهه نه آهي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جون ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڪجهه ميڊيا هائوسز ڪراچي ۾ برسات تي سنڌ سرڪار خلاف مهم هلائي، پنجاب ۾ اهڙي قسم جي مهم نظر ناهي آئي، هڪ پارٽيءَ سان سلهاڙيل چينل اڄ به شاهراهه ڀٽو جي وڊيو ڏيکاري رهيو آهي، شاهراهه ڀٽو جو ڪٿان به ٽيسٽ ڪرايو، ڪو نقص نڪري ته ڳالهايو، ڪجهه ٽي وي چينلز پ پ خلاف سوچيل سمجهيل مهم هلائين پيا، ييلو لائين بي آر ٽي منصوبو شهر جي ٽرانسپورٽ جا مسئلا گھٽائيندو، ريڊ لائين بي آر ٽي جو مين ڪوريڊور جلد مڪمل ڪيو ويندو، ايندڙ مهيني ڪراچي شهر ۾ ڊبل ڊيڪر بسون اچي رهيون آهن، هن مهيني جي آخر ۾ يا ايندڙ مهيني عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز ڏينداسين
