صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪ فوج جو ڪشمير جي استحصال جي ڏھاڙي تي پيغام، صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019 تي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي، ڀارت ڪشمير عوام کي پنھنجي وطن ۾ بي اختيار بڻائڻ جي سازش ڪري رھيو آھي، ڀارت جي اڳرائي کي نظر ۾ رکندي ھن سال استحصال جو ڏهاڙو غيرمعمولي اھميت اختيار ڪري ويو آھي، آپريشن بنيان المرصوص جي شاندار ڪاميابي پاڪستاني عوام لاءِ فخر جو سبب آھي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي ڍانچو تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، استحصال جو ڏهاڙو ڀارتي بربريت ۽ امن دشمني جي ياد ڏياري ٿو، ڀارت جو ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن ۽ سڃاڻپ کان انڪار علائقائي عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي، هٿياربند فوج، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف نيول اسٽاف ۽ چيف آف ايئر اسٽاف طرفان والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جو اظهار، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ڪشميرين جي حق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿي، ڪشميرين جي جدوجهد عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب آهي، ڀارتي سڪيورٽي فورسز جو والاريل ڪشمير تي قبضو عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي