لياري بلڊنگ سانحي تي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي معطل، سنڌ سرڪار طرفان ڪراچي ۾ زبون بڻجي ويل عمارتن کي ڊاهڻ جو فيصلو، ڪمشنر کي سروي جو حڪم، بلڊنگ واقعي جي ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ فوتين جي وارثن کي 10-10 لک رپيا امداد جو اعلان، فرض ۾ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، زبون حال عمارتن کي خالي ڪرايو ويندو، وڏي وزير مراد علي شاهه جي اجلاس بعد صوبائي وزيرن جي پريس ڪانفرنس، شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وڏي وزير لياري عمارت حادثي جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، حادثي بابت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ٻن ڏينهن ۾ ايندي، ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، سعيد غني چيو آهي ته في الحال ايس بي سي اي جي انهن آفيسرن کي معطل ڪيو ويو جيڪي هن وقت علائقي ۾ مقرر آهن، ڪمشنر ڪراچي کي ذميواري ڏني ويئي آهي ته 15 ڏينهن اندر 51 خطرناڪ عمارتن جي سروي مڪمل ڪري، زبون حال 51 عمارتن کي جلد ڊاهڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو، ڪمشنر 588 خطرناڪ عمارتن جا تفصيل پڻ فراهم ڪندو، 2022ع ۾ عمارت کي زبون قرار ڏيڻ وقت جيڪي آفيسر مقرر هئا، انهن جو تعين ڪيو پيو وڃي، معطل ڊي جي ايس بي سي جي غفلت سامهون آئي ته سندس نالو ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو ويندو، غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانون آندو پيو وڃي، ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ مجرماڻي غفلت ٿي آهي، حڪومت واقعي سنجيده آهي، واقعي جي ذميوارن جو تعين ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو
