اسان ڪيترائي ڀيرا چيو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگھي، ايران حملو ڪيو ته ان جو کيس ڀرپور جواب ڏينداسين: پريس ڪانفرنس
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي دفاع واري وزير چوڻ آهي ته اسان ايران جو ايٽمي پروگرام تباهه ڪري ڇڏيو، ايران جواب ڏنو ته کيس گذريل رات کان وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو،خطي ۾ آمريڪي مفادن جو تحفظ ڪنداسين.
آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جرنل ڊين ڪين سان گڏ بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان ايران جو ايٽمي پروگرام تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا چيو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگھي، ايران حملو ڪيو ته ان جو کيس ڀرپور جواب ڏينداسين.
دفاع واري وزير چيوته ڪارروائي جو مقصد ايران ۾ رجيم چينج نه هو، فردو ايٽمي پلانٽ بنيادي حدف هو ۽ گهربل نتيجا حاصل ڪيا.
ٻئي طرف آمريڪي دفاعي عملدارن آچر جي ڏينهن ٻڌايو ته ايٽمي مرڪزن تي آمريڪي بمباريءَ ۾ 125 کان وڌيڪ جهازن، آبدوز مان داغيل ميزائل ۽ هڪ بي-2 اسٽيلٿ بمبار جهاز جي اڏام شامل هئي
اهو قافلو ڇنڇر جي ڏينهن وڏي سمنڊ جي مٿان گذريو هو ته جيئن اصل مشن تان ڌيان هٽائي سگھجي.
واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب ايران تي حملي واري آپريشن کي ”مڊنائٽ هيمر“ جو نالو ڏنو ويو جنهن ۾ 7 بي ٽو اسپرٽ بمبار جهاز شامل هئا، جن مقامي وقت موجب رات جو 2 وڳي ايران تي 30 هزار پائونٽ وزني ٻه بم ڪيرائي ڪاميابيءَ سان حدفن کي نشانو بڻايو.