تازہ ترین

سنڌ جي شهيد راڻي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي اڄ 72 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ قرآن خواني، اجتماعي دعائون، مزار تي پ پ ڪارڪن ۽ اڳواڻن جي حاضري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمهوريت جي بحالي لاءِ جاکوڙ ڪندي شهادت جو رتبو ماڻيندڙ، آمريت سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم جو اعزاز ماڻيندڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو  جي 72 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ قرآن خواني، اجتماعي دعا گهري وئي، شهيد بي بي جي مزار تي پ پ ڪارڪن توڙي اڳواڻن جي حاضري، ڀيٽا پيش.

مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا پيا وڃن، هوءَ همت، جمهوريت ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ هميشه لاءِ اميد جي علامت آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ آهي ته اڄ اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن کي نه رڳو ياد ڪري رهيا آهيون پر هڪ دور جي تحريڪ جي پيدائش کي به ياد ڪري رهيا آهيون.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين پاران جاري ڪيل  پيغام ۾ چيو ويو ته هڪ بي خوف آواز جيڪا بي زبانن جي ترجمان بڻجي وئي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي هڪ جمهوري، ترقي پسند ۽ باهمي رواداري واري پاڪستان جي خواب لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.