سپريم ڪورٽ طرفان 3 ججز جي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي آئين ۽ قانون موجب قرار
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ججز ٽرانسفر بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون، ججز جي سينيارٽي وارو معاملو واپس صدر حوالي.
سپريم ڪورٽ طرفان 3 ججز جي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي آئين ۽ قانون موجب قرار، ججز ٽرانسفر ۽ سينيارٽي ڪيس جو مختصر فيصلو جاري ڪيو ويو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ججز جي بدلي واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار نه پيو ڏنو وڃي.
صدر سينيارٽي جي معاملي کي جلد طئي ڪري، سينيارٽي طئي ٿيڻ تائين وقتي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ معاملا ڏسندو.