بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي پهرين ڏينهن کان”را“ فنڊيڊ آهي: بلوچستان جي وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس
ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ چيو آهي ته پاڪستان خلاف اڳرائي ۾ ناڪامي بعد دشمن پاڪستان خلاف پراڪسي وار شروع ڪري ڇڏي آهي.
بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي پهرين ڏينهن کان”را“ فنڊيڊ آهي، فتنه الهندستان جي سرپرستي ڀارتي ڳجهو ادارو ”را“ ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته را کين ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي امن کي داءَ تي لڳائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.
پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽيءَ جو چوڻ هو ته ڀارت اڀرندڙ معيشت کي تباهه ڪرڻ جو خواب ڏسي پيو.
سندس چوڻ آهي ته دمشن کي اڳرائي تي مٽيءَ ۾ ملايو ويو، پاڪ فوج ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو.
فتنه الهندستان جي هر حملي کي ناڪام بڻايو ويندو، ڀارتي ميڊيا ڪراچي رپورٽ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوڙي خبر هلائي.