وزيراعظم سان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، خواجه آصف، عطا تارڙ ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير به گڏ ويندا
لاهور (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿي ويندو.
ذريعن موجب وزيراعظم سان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، خواجه آصف، عطا تارڙ ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير به گڏ ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عيد سعودي عرب ۾ ملهائيندو ۽ پاڪ -ڀارت ڇڪتاڻ دوران حمايت تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس وفد سعودي قيادت جي دعوت تي سعودي عرب وڃي رهيو آهي.