تازہ ترین

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري قانون ۽ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ شريڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ ملير جيل مان فرار ٿيل قيدين کي پڪڙڻ لاءِ اهم اجلاس.

اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري قانون ۽ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته فرار ٿيل قيدين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.

ضياءُ الحسن لنجار جو چوڻ هو ته فرار ٿيل قيدين کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، پوليس ٽيمن جي ڪارروائي ۾ انٽيليجنس ۽ ريڪي تي ڌيان ڏنو وڃي.

سنڌ جي گھرو وزير ضياءُالحسن لنجار وڌيڪ چيو ته سڀني ضلعن ۾ مختلف هنڌن تي جاچ ۽ نگراني کي يقيني بڻايو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.