پاڪستان طرفان والاريل فلسطين جي اولهندي ڪناري کي اسرائيلي پارليامينٽ طرفان خودمختياري ڏيڻ جي غير قانوني دعويٰ جي مذمت، عالمي برادري کان اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جو مطالبو، پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته هي قدم عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ فلسطيني عوام جي حقن ۽ عالمي اصولن کي لاڳيتو نظرانداز ڪرڻ جي عڪاسي ڪري ٿو، پاڪستان آزاد، خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو




