بجيٽ کان اڳ دل کولي ڳالهايو جيئن عوامي نمائندگي ڪري سگهون، سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو آهي: ڳالهيون
سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ملڪ جون حالتون بهتر آهن پر مهانگائي وڌيڪ آهي، آهستي آهستي استحڪام اچي پيو.
بجيٽ کان پهريان دل کولي ڳالهايو ته جيئن عوام جي نمائندگي ڪري سگهون، سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو آهي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌڻ سبب عوام پريشان آهي، امن مڪمل طور بحال ٿيڻ کپي.
خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته اليڪشن ويجهو هجڻ ڪري ڀارت ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پر پاڪستان پنهنجي دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي.
سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوشش آهي ته ماحول اهڙو هجي جيئن سندس حڪمراني قائم رهي.