تازہ ترین

پاڪستان پنهنجي حصي جي پاڻي تي ڪا سوديبازي نه ڪندو: وزيراعظم

درياهن ۾ پاڻي گليشرز مان ايندو آهي، پاڪستان ۾ 13 هزار گليشيئرز آهن: شهباز شريف

دوشنبي (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي حصي جي پاڻي تي ڪا سوديبازي نه ڪندو.

درياهن ۾ پاڻي گليشرز مان ايندو آهي، پاڪستان ۾ 13 هزار گليشيئرز آهن، اچو گڏجي گليشيئرز جو تحفظ ڪريون.

وزيراعظم شهبازشريف دوشنبي ۾ گليشيئرز بابت عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ماحولياتي تبديلي سبب گليشيئرز تيزي سان پگهرجي رهيا آهن.

گليشيئرز جو تحفظ تمام گهڻو ضروري آهي، ماحولياتي تبديلي سبب ايڪو سسٽم به متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي چئلنجز کي منهن ڏئي پيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.