گهوٽڪي جي حسين ٻيلي روڊ تي مريض کڻي ايندڙ گاڏي کان ڦر دوران مزاحمت تي زخمي پيرسن فوت
ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ڀرسان لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ڦر مزاحمت تي ٽرالر ڊرائيور قتل.
پوليس چوڪي 10 ڀرسان حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ ٽرالر جي ڊرائيور کان ٻن ڦورن ڦر جي ڪوشش ڪئي.
مزاحمت تي هٿياربند گولي هڻي ڪوئيٽا واسي فيض پٽ شاڪر کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي ڊرائيور اسپتال نيندي دم ڏئي ڇڏيو.
گهوٽڪي ڀرسان حسين ٻيلي روڊ تي مريض کڻي ايندڙ گاڏي کان ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ٿيل پيرسن فوت ٿي ويو.
زخمي ٿيل ربڏنو گهوٽو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.