تازہ ترین

صدر ، وزيراعظم ۽ ٻين شخصيتن پاران فيلڊ مارشل جو اعزاز ملڻ تي جنرل عاصم منير کي واڌايون

فيلڊ مارشل جو عهدو اوهان جي خدمتن جو اعتراف آهي: صدر آصف علي زرداري

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) صدر مملڪت، وزيراعظم، وڏن وزيرن، گورنرز ۽ ٻين سياسي توڙي حڪومتي شخصيتن جون فيلڊ مارشل جو اعزاز ملڻ تي جنرل عاصم منير کي واڌايون.

صدر آصف علي زرداري جنرل عاصم منير کي واڌايون ڏيندي چيو ته فيلڊ مارشل جو عهدو اوهان جي خدمتن جو اعتراف آهي.

ڀارتي حملن جي جواب ۾ پاڪستان جي اثرائتي ڪارروائي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج تعريف جا حقدار آهن.

جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج بهترين حڪمت عملي سان دشمن جو غرور مٽي ۾ ملايو.

صدر مملڪت ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر کي به ملازمت جي مدي ۾ واڌ تي واڌايون ڏيندي سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته رب تعاليٰ جنرل عاصم منير کي اڻ ڳڻين صلاحيتن سان نوازيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته آپريشن بينان مرصوص جي ڪاميابي ۾ سندس دليري ۽ ڏاهپ جو اهم ڪردار هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.